وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي شاندار عالم ۽ ڏاهپ رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪستان اڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙو مخلص دوست کان محروم ٿي ويو.
وزيراعظم شهبازشريف، ايراني سفارتخاني پهچي ايراني سفير سان ملاقات ڪري صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هيليڪاپٽر حادثي سبب ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير جي شهادت جي ڏکوئيندڙ خبر ٻڌي ڏک پهتو، هو ڏک جي گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ ايران جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.
هن چيو ته صدر ابراهيم رئيسي شاندار عالم ۽ ڏاهپ رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪستان اڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙو مخلص دوست کان محروم ٿي ويو.
وزيراعظم چيو ته گذريل مهيني ايراني صدر جي دوري ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو.
ايراني سفير رضا اميري وزيراعظم شهبازشريف جا ٿورا مڃيا.
سندس چوڻ هوته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي به وزيراعظم شهبازشريف کي بهترين انسان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، وزيراعظم جي ايراني صدر بابت لفظن کي هو قدر جي نظر سان ڏسن ٿا.
وزيراعظم شهبازشريف مهمانن واري بڪ ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا