تازه ترين

ايراني پرڏيهي وزارت  جي ترجمان  مفاهمتي يادداشت تي صحيح ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

- Advertisement -
ايراني پرڏيهي وزارت  جي ترجمان  مفاهمتي يادداشت تي صحيح ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت  جي ترجمان  اسماعيل بقائي سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان به مفاهمتي يادداشت تي صحيح  ڪري ڇڏي  آهي. ايراني پرڏيهي وزارت  جي ترجمان  چيو ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به مفاهمتي يادداشت تي صحيح  ڪري ڇڏي آهي،ٻنهي ڌرين مفاهمتي يادداشت تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪيون ويون آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته جمعي تي سوئيٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ صحيحون نه ٿينديون،سوئيٽزرلينڊ ۾ ملاقات ٿيندي يا نه ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ واضح ٿي ويندو. ترجمان چيو ته جمعي جي ڏينهن ٻنهي صدرن جي رٿيل ملاقات روڪي وئي آهي،جنيوا ۾ ڳالهيون ڪندڙ  ٽيمون شيڊول موجب ملاقات ڪنديون. اسماعيل بقائي چيو ته مفاهمتي يادداشت تي عمل ڪرڻ لاءِ فوري طور ڳالهيون شروع ڪيون وينديون. هن چيو ته هرمز  لنگهه جو معاملو ايران ۽ عمان جي ذميواري آهي، اسرائيل پاران لبنان تي حملا جاري رهيا ته اها معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
61 %
2kmh
47 %
خميس
21 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون