تازه ترين

ايران به آمريڪا سان امن معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي

- Advertisement -
ايران به آمريڪا سان امن معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي. ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته امريڪا سان مختلف محاذن تي جاري جنگ ۽ عسڪري ڪاررواين جي فوري ۽ مستقل خاتمي جو اعلان اڄ رات کان شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ لبنان سميت ٻيا محاذ به شامل آهن. سندس چوڻ هو  اڄ رات کان ايران خلاف آمريڪي ناڪابندي جي خاتمي جو عمل به شرو ڪيو ويندو. ايراني نائب پرڏيهي وزير موجب، ايران جي فوجي طاقت معاهدي کي قطئي شڪل ڏيڻ ۾مدد ڪئي، قطئي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهين جو نئون مرحلو شروع ڪيو ويندو جيڪو 60 ڏينهن جو هوندو. هن چيو ته 60 ڏينهن جي ڳالهين ۾ ائٽمي معاملا به بحث هيٺ ايندا، پابندين جي خاتمي تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ايران جي نئين سر تعمير طريقيڪار تي به بحث ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته 60 ڏينهن جي ڳالهين جي عمل ۾ پابندين جي خاتمي تي فوڪس ڪيو ويندو، منجمد اثاثن جي بحالي، ناڪابندي ۽ جنگ جو خاتمو ٿيڻ ڳالهين ۾ شامل هوندا. ايراني نائب پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته معاهدي جي پاسداري نه ٿي ته ايران رد عمل ڏيندو. ايراني خابرو ايجنسي موجب، نائب پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته مفاهمتي يادداشت جي متن کي باضابطه صحيح کانپوءِ جاري ڪيو ويندو پر مفاهمتي يادداشت جو مطلب دشمن تي اعتماد ڪرڻ ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
25 %
5.4kmh
24 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
28 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون