تازه ترين

ايران جو اسرائيل تي حملو جائز آهي، ضرورت پئي ته مستقبل ۾ به ڪارروائي ڪئي ويندي:ايراني سپريم ليڊر

- Advertisement -
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايران جو اسرائيل تي حملو جائز آهي،  ضرورت پئي ته مستقبل ۾ به ڪارروائي ڪئي ويندي، مسلمانن کي اتحاد ۽ اتفاق سان سامراجي طاقتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، فلسطينين جي جدوجهد جائز آهي، سندن حمايت جاري رکي ويندي، مسلمان مظلوم فلسطينين سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪن. ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پنجن سالن بعد تهران ۾ جمعي نماز جو خطبو ڏنو ۽ امامت ڪئي، هزارين شهرين جمعي جي نماز ادا ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته اسرائيل جو حملو جائز هو ۽ هو اسرائيل کي جواب ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا نه ئي جلدي ڪندا. سندس چوڻ هو ته مسلمانن کي افغانستان کان يمن، ايران کان غزه ۽ لنبان تائين دفاعي لائن ٺاهڻي پوندي، هر ملڪ کي اڳرائي خلاف پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو ته مسلمان متحد ٿي وڃن ته دشمنن تي ضابطو آڻي سگهن ٿا، سندن دشمن هڪ ئي آهي ۽ هن جي پاليسي مسلمانن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، ايران جو دشمن، فلسطين، لبنان، عراق، مصر ۽ يمن جو دشمن آهي. هن چيو ته جهڙي طرح 7 آڪٽوبر جو حملو جائز هو، اهڙي طرح ايران جو اسرائيل تي حملو جائز آهي، ضرورت پئي ته مستقبل ۾ به ڪارروائي ڪئي ويندي، اسرائيل عام شهرين جو قتل ڪري سوڀ جو ڊرامو ڪري رهيو آهي، اسرائيلي حڪومت جا ڏوهه سندس خاتمي جو سبب بڻجندا. ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو ته اسرائيل جي حفاظت تي آمريڪي ڌيان خطي جي وسيلن تي قبضي جي پاليسي جو حصو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
44 %
1.7kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون