ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سعود عرب جي شهر جده ۾ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
سعودي پريس ايجنسي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ايراني پرڏيهي وزير جي سعودي عرب جي دوري دوران ٿي.
پڌرائي موجب، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارٽنرشپ جا موقعا ڳولڻ جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته تازي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان به موجود هو، جڏهن ته ايراني وفد جي عملدارن به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.
واضع رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مارچ ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزير جو هي سعودي عرب جو پهريون سرڪاري دورو آهي.