- Advertisement -
ايران حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جي قتل تي اسرائيل کان پلاند وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، فلسطيني صدر به واقعي جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام کي اسرائيل خلاف متحد ۽ ثابت قدم رهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسماعيل هانيه جي قتل جو پلاند ورتو ويندو، ايران پنهنجي عزت، وقار ۽ سلامتي جو هر حال ۾ دفاع ڪندو.
ايراني صدر چيو ته اسماعيل هانيا جي شهادت سان ايران ۽ فلسطين جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا،
ٻي پاسي فلسطين جي صدر محمود عباس حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جي قتل واقعي کي اسرائيل جي بزدلاڻي ڪارروائق قرار ڏيندي واقعي جي مذمت ڪئي آهي.
فلسطيني صدر جو چوڻ آهي ته هانيا جي قتل واقعي سان خطي جون حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، فلسطيني عوام اسرائيل جي قبضي خلاف متحد، صبر ۽ ثابت قدم رهي….- Advertisement -
