ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي چيو آهي ته ايران طاقت جو ٻيو نالو آهي، اسرائيل ايران سان ٽڪراءُ کان پاسو ڪري، نئون حملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي اسرائيلي وزيراعظم کي عبراڻي ٻولي ۾ سخت پيغام ڏيندي چيو ته ايراني حملو اسرائيلي جارحيت جو فيصلائتو جواب آهي، حملو ايران جي مفاد ۾ ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ايندو.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي چيو ته اسرائيل هوش کان ڪم نه ورتو ته نئون حملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو.
آيت الله خامنا اي سوشل ميڊيا تي اها پوسٽ عبراڻي ٻولي ۾ ڪئي ۽ اها پوسٽ ايران طرفان اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائل وسائڻ جي ڪجهه دير بعد ڪئي.