تازه ترين

ايران ميزائل حملن ۾ اسرائيل جي ائٽمي پلانٽ کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو: اسرائيلي اخبار

اسرائيلي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ميزائل حملن ۾ اسرائيل جي ائٽمي پلانٽ کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

اسرائيلي اخبار جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج جي هوائي دفائي نظام ايران جي 99 سيڪڙو نه پر 84 سيڪڙو هٿيارن کي روڪيو.

اخبار چيو ته سيٽ لائٽ تصويرن موجب ايران جو هڪ ميزائل حملو سڌي طرح ٿيو ۽ ٻه ڀرپاسي جي طرف ۾ ٿيا.

ايراني چار ميزائل ريگستاني شهر نقب جي فوجي اڏي تي ڪريا، ايراني ميزائلن جو ملبو مليو آهي، جڏهن ته اسرائيلي دفاعي نظام جي انٽرسيپٽر ميزائلن جي ڪا به باقيات نه ملي.

واضح رهي ته دمشق ۾ ايراني سفارت خاني تي اسرائيل جي هوائي حملي جي جواب ۾ ڇنڇر جي رات اسرائيل تي 300 ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا هئا.

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي هئي ته هن پنهنجي اتحادي ملڪن سان گڏجي 99 سيڪڙو ميزائل ۽ ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا هئا….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
34 %
1.9kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون