ايران ڪنهن سان جهيڙو نٿو چاهي پر ڪنهن به جبر جي مخالفت ۽ ظالم سان هوندي : ايراني صدر پزشڪيان

- Advertisement -
ايراني صدر پزشڪيان چيو آهي ته سندن پرڏيهي پاليسي جو محور امن ۽ دنيا ۾ سان رابطا وڌائڻ آهي، ايران ڪنهن سان جهيڙو نٿو چاهي پر ڪنهن به جبر جي مخالفت ۽ ظالم سان هوندي. صدر پزشڪيان ان جي نئين ڪابينا سان پهرين ملاقات جي موقعي تي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اِي ايراني حڪومت تي زور ڏنو ته منصوعي ذهانت جو اعليٰ ترين معيار حاصل ڪيو وڃي ۽ اَي آءِ سائنسز ۾ پنهنجي طور تي انفرا اسٽرڪچر جوڙيو وڃي. آيت الله خامنه اِي وڌيڪ چيو ته ايران جي ماضي ۾ قالينن ۽ تيل جي ڪري سڃاڻپ هوندي هئي پر ان جي سڃاڻپ سائنس، علائقائي قوت ۽ اسٽريٽجڪ گهرائي آهي. ايراني صدر پزشڪيان اولهندي ملڪن جي پابندين بابت چيو ته جيڪڏهن ايران پنهنجن سمورن پاڙيسرين سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪري وٺي ته آمريڪي پابنديون بي اثر ٿي وينديون. هن چيو ته يورپين پنهنجيون سرحدون هڪ ٻئي لاءِ کولي ڇڏيون، متحد ٿيا ۽ هڪ ڪرنسي اختيار ڪري ورتي پر مسلمان پنهنجي وچ ۾ ڀِت ٺاهي رهيا آهيون. ايراني صدر جو چوڻ هو ته مسلمان هڪ ٻئي جا ڀائر آهن ۽ ڀائرن وچ ۾امن قائم ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
47%
2.7m/s
0%
اربع
31 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون