تازه ترين

ايران ۽ امريڪا وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو: وزيراعظم شهباز شريف جو اعلان

- Advertisement -
امن لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون ڪامياب ٿي ويون، آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، جمعي تي باضابطا طور صحيحون ڪيون وينديون. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ خطرناڪ جنگ کانپوءِ ڊگهين ڳالهين جي نتيجي ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ اعلان ڪيو ته  آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڊگھي ۽ اهم ڳالهين کانپوءِ امن معاهدو طئه ٿي ويو آهي.. هن چيو ته ٻنهي ڌرين لبنان سميت سمورن محاذن تي فوري ۽ مستقل طور تي فوجي ڪاررواين جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته معاهدي تي باضابطه صحيحن جي تقريب 19 جون تي جنيوا سوئٽرزلينڊ ۾ ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ هلندڙ هفتي ملاقاتون ڪندا، ملاقاتن ۾ معاهدي تي عمل کان اڳ ٽيڪنيڪل معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا. وزيراعظم تڪرار جي سفارتي حل تي آمريڪا ۽ ايران جا به ٿورا مڃيا آهن. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾  وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت جو امڪان آهي. ذريعن موجب  آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي جي صحيحن جي تقريب جنيوا ۾ ٿيندي. معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾  وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سميت شرڪت ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
28 %
1kmh
3 %
سُومر
28 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
28 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون