- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ايسٽر جي ڏڻ تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ايسٽر جو ڏينهن کين حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيار، ڀائيچاري ۽ درگذر جي پيغام تي غور ڪرڻ ۽ عمل جو هڪ موقعو فراهم ڪري ٿو.
جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ايسٽر جي پر مسرت موقعي تي هو پاڪستان جي قيام، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي جدوجهد ۾ مسيحي برادري جي ڪردار تي مسيحي برادري کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته مسيحي برادري پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کين فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن ۽ ثقافتن جو خوبصورت ملڪ آهي، اچو ته گڏجي ملڪ دشمن قوتن کي شڪست ڏيون جيڪي سندن معاشري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن- Advertisement -
