- Advertisement -
ايس ايس پي حيدرآباد ۽ وڪيلن ۾ هلندڙ معاملو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن حيدرآباد پاران ڇهين ڏينهن به ايس ايس پي جي بدلي تائين عدالتي ڪاروائين جو مڪمل بائيڪاٽ جاري رکيو.
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن هاءِ ڪورٽ، سيشن ۽ سول ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو.
وڪيلن پوليس اهلڪارن کي ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ايس ايس پي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
وڪيلن مطالبو ڪيو ته فوري طور ايس ايس پي کي هٽايو وڃي ٻي صورت سندس بدلي تائين عدالتي ڪاروايون معطل رهنديون.
ٻئي طرف نوابشاهه بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران به حيدرآباد جي وڪيلن سان يڪجهتي طور پنجين ڏينهن به ڪاروهنوار معطل رکيو.
وڪيل اڳواڻن مختيار رند، شاهنواز جمالي، عبدالحفيظ کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي حيدرآباد جي بدلي تائين هو حيدرآباد جي وڪيلن سان گڏ آهن- Advertisement -
