ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل محمد عمر ڪچي جي مختلف علائقن جا دورو ڪري ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي .
ايس ايس پي خيرپور ۽ ونگ ڪمانڊر پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز اهلڪارن سان گڏ سڄي علائقي جو معائنو ڪيو .
لاڳاپيل آفيسرن ايس ايس پي خيرپور ۽ ونگ ڪمانڊر کي ڪچي بابت بريفنگ ڏني . ايس ايس پي خيرپور لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته ڪچي ۾ ڏوهارين جي خاتمي ۽ امن امان جي بحالي لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن.