ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايَ ڊي پي حڪومت جي سڌارن ۾ مدد ڪري رهي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته خانگي سيڙپڪاري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ڌيان ڇڪائڻ سان حڪومت کي سرڪاري شعبي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن ۾ خال پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب معاشي ترقي لاءِ حڪومتي پاليسين تي عمل لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ پروگرام کي هٿي ڏني پئي وڃي، اهو ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سرڪاري مينيجمينٽ پروگرام جو حصو آهي.