تازه ترين

ايشيا ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل ۾ ٻن روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڏو مقابلو اڄ ٿيندو

ايشيا ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل ۾ ٻن روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڏو مقابلو اڄ ٿيندو.

ٻئي ٽيمون اڄ منجهند اڍائي وڳي ڪينڊي جي پالي ڪيليَ اسٽيڊيم ۾ ايڪشن ۾ هونديون، پهرين ميچ وڏي مارجن سان کٽيندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم اڄ به ميچ کٽڻ لاءِ پراميد آهي.

ميچ کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن پنهنجيون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن ڀرپور پريڪٽس ڪئي.

ان کان علاوه پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ قومي ٽيم لاءِ فائنل اليون جو به اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ميچ دوران برسات جي به اڳڪٿي وئي آهي.

واضع رهي ته ايشيا ڪپ جي مقابلن ۾ ڀارتي ٽيم 7 ٽائٽل کٽي ٽورنامينٽ جي سڀ کان ڪامياب ٽيم آهي جڏ هن ته پاڪستان به ايشيا ڪپ جو ٻه ڀيرا فاتح رهيو آهي.

روايتي مخالف ايشيا ڪپ ٽورنامينٽس ۾ 17 ڀيرا آمهون سامهون ٿيا آهن، ڀارت 9 ميچن ۽ پاڪستان 6 ميچن ۾ ڪامياب رهيو جڏهن ته ٻه ميچز بنا نتيجي ختم ٿي ويون….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
27 %
2.6kmh
68 %
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون