تازه ترين

ايمازون جو باني هڪ دفعو ٻيهر دنيا جو امير ترين ماڻهو  بڻجي ويو

ايمازون جو باني هڪ دفعو ٻيهر دنيا جو امير ترين ماڻهو  بڻجي ويو آهي.

گذريل ڪجهه مهينا برنارڊآرنلٽ ۽ جيف بزوز  وچ ۾ دنيا جو امير ترين ماڻهو ٿيڻ جي ڊوِ نظر آئي.

ڪيترائي ڀيرا ايمازون جو باني جيف بزوز  دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ مٿي نظر آيو پر برنارڊآنلٽ کيس پوئتي ڇڏيندي امير ترين ٿي ويو.

هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ايمازون جو باني  جيف بزوز  دنيا جو امير ترين ماڻهو ٿي ويو آهي، پر آسائش وارو سامان ٺاهيندڙ ڪمپني ايل وي ايم ايڇ جو مالڪ برنارڊآرنلٽ پهرين نمبر کان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.

حقيقت ۾ جيف بزوز جو ڪمال ناهي پر برنارڊآنلٽ گذريل چوويهه ڪلاڪن ۾ 6 ڏهائي 73 ارب ڊالرن کان محروم ٿيو آهي،  جڏهن ته ڪجهه هفتن ۾ کيس 27 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي.

بلومبرگ بلينيئر انڊيڪس موجب جيف بزوز 2 سئو 5 ارب ڊالرن سان هن وقت دنيا جو امير ترين شخص ٿي ويو آهي، جڏهن ته برنارڊآنلٽ 2 سئو 3 ارب ڊالرن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي،

ڪافي عرصي تائين امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ رهندڙ ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ هن  وقت 2 سئو 2 ارب ڊالرن سان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ايلون مسڪ به جلد ٻيهر دنيا جي امير ترين شخص ٿيڻ جو اعزاز هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي نالي ڪري سگهي ٿو.

ميٽا جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ هڪ سئو 69 ارب ڊالرن سان چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته گوگل جو شريڪ باني ليري پيج هڪ سو 56 ارب ڊالرن سان پنجين نمبر تي موجود آهي………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
40 %
4.4kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون