تازه ترين

ايم ڊي ڪيٽ 2025 لاءِ اصلي سڃاڻپ دستاويزن آڻڻ لازمي قرار

- Advertisement -
ايم ڊي ڪيٽ 2025 لاءِ اصلي سڃاڻپ دستاويزن آڻڻ لازمي قرار  ڏنو ويو آهي. ايس آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ 2025 ۾ ويهڻ وارن سڀني اميدوارن لاءِ اصل سڃاڻپ دستاويز ، سڃاڻپ ڪارڊ وغيره گڏ آڻڻ لازمي هوندو. بيان موجب سنڌ حڪومت جي منظور ڪيل پاليسي تحت 18 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر وارن اميدوارن لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ يا اين آءِ سي ڪاپي آڻڻ ضروري آهي، جڏهن ته 18 ورهين کان گهٽ عمروارن اميدوارن لاءِ جووينائل ڪارڊ يا اين آءِ سي ڪاپي لازمي قرار ڏنو وئي آهي. ايم ڊي ڪيٽ 2025 جو امتحان آچر، 26 آڪٽوبر 2025 تي ٿيندو. ايس ٽي ايس  طرفان خبردار ڪيو ويو آهي ته بغير اصل سڃاڻپ دستاويزن جي ڪنهن به اميدوار کي امتحاني مرڪز ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اميدوارن کي هدايت ڏني وئي آهي ته امتحان جي ڏينهن پنهنجي اصلي سڃاڻپ سان لاڳاپيل دستاويز لازمي طور تي پاڻ سان آڻين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون