- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي 15 سيٽن تي حيرت آهي، جائزو ورتو ويندو، صدر الدين شاهه غلط ڳالهيون ٻڌائي پير پاڳاري کان پريس ڪانفرنس ڪرائي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پ پ کي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ڏيارڻ تي سنڌ جي عوام جا ٿورائتا آهن.
هن چيو ته پير پاڳاري کي سندس ڀاءُ ۽ جي ڊي اي خراب ڪيو ۽ استعمال ڪيو، پير پاڳاري کي پنهنجا دوست تبديل ڪرڻ گهرجن، اهي سندس مخلص دوست نه آهن.
سندس چوڻ هو ته عام چونڊن جي اعلان کانپوءِ پير پاڳاري ڏهن سيٽن جو مطالبو ڪيو، پ پ ملڪي مفاد وٽان ڪو به فيصلو ڪندي.
مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جي 15 سيٽن تي حيرت آهي، جائزو ورتو ويندو، هنن سال اڳ چيو هو ته هو مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ مقابلي لاءِ تيار نه آهن.
هن چيو ته هڪ سال ۾ ڇا ٿي ويو جو پولنگ ايجنٽ نه هئڻ باوجود ايم ڪيو ايم وارا 15 سيٽون کٽي ويا آهن- Advertisement -
