ايم ڪيو ايم نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پنهنجا مطالبا وزيراعظم شهبازشريف آڏو رکي ڇڏيا آهن.
ايم ڪيو ايم طرفان وزيراعظم کان بجيٽ ۾ ڪراچيءَ لاءِ پنجن ورهين واري سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبي سوشيوا اڪنامڪ ڊولپمينٽ پلان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو ته وٽن صوبائي حڪومت ناهي، ان ڪري وفاق سندن ايم اين ايز کي فنڊ جاري ڪري، ايم ڪيو ايم ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص لاءِ وفاق کان 38 ارب رپيا فنڊ گهريا آهن.
ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ لاءِ پاڻيءَ جي منصوبي ڪي فور ۽ سيوريج جي منصوبي ايس ٿري کي هن ئي سال مڪمل ڪرڻ ۽ ڪامياب جوان يوٿ پروگرام ذريعي نوجوانن کي بنا وياج قرض ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت کان بجيٽ ۾ گرين لائن پراجيڪٽ ۾ واڌ، بليو لائن ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي پراجيڪٽ لاءِ به فنڊ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ پورٽ کان پپريءَ تائين فريٽ ڪوريڊور سميت بن قاسم تي ٽيڪسٽائل سٽي پراجيڪٽ لاءِ به فنڊ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.