تازه ترين

ايم ڪيو ايم کي پي ايس پي مافيا هائيجيڪ ڪري ورتو آهي: اڳوڻي صوبائي وزير سعيد

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي پي ايس پي مافيا هائيجيڪ ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ۽ ڌانڌلي ذريعي ڪراچي ۾ اليڪشن کٽڻ جا خواب پئي ڏسيِ، هاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪا به ڊرامي بازي نه هلندي.

جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته روشنين جي شهر ڪراچيءَ کي دهشتگردي ڏانهن ڌڪڻ واري ايم ڪيو ايم آهي، ٻوري بند لاش ۽ ڀتي خوريءَ کي ايم ڪيو ايم پنهنجي سڃاڻپ تسليم ڪيو.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، متحده کي پي ايس پي هائيجيڪ ڪري ورتو آهي.

سعيد غني چيو ته ڪراچي جي ننڍي چونڊ جي نتيجن ايم ڪيو ايم کي مڪاني چونڊن ۾ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.

اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ۽ ڌانڌلي ذريعي ڪراچي ۾ اليڪشن کٽڻ جا خواب ڏسي رهي آهي.

سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ڇڏيندڙ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏئي واپس آڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، هاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪا به ڊرامي بازي نه هلندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون