تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان به پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪندي: مراد علي شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان به پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪندي، ڪراچي جي سيٽن جي مدد سان بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو نئون وزيراعظم بڻايو ويندو، ڪراچي ۾ پ پ جو ميئر چونڊجڻ عوامي خدمت جو نتيجو آهي، 40 ٽول پلازائن تي نمبر پليٽن ۽ منهن جي سڃاڻپ لاءِ ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، جديد ڪيمرائن سان ايندڙ ويندڙ رستن جي نگراني ڪئي ويندي.

ملير ۾ سسئي ٽول پلازه وٽ سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم جي افتتاحي تقريب ٿي جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سسئي ٽول پلازه تي سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم جو افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان به پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪندي.

هن چيو ته ڪراچي جي سيٽن جي مدد سان بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو نئون وزيراعظم بڻايو ويندو، ڪراچي ۾ پ پ جو ميئر چونڊجڻ عوامي خدمت جو نتيجو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پوليس بهادريءَ سان ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڪيترائي مغوي بازياب ڪرايا ويا آهن، ڪچي ۾ رستا ۽ پليون ٺهرايون پيون وڃن،  جيئن ڏوهاري تائين روڊ رستي پهچي سگهجي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ سمارٽ سرويلينس سسٽم 40 ٽول پلازه تي لڳايو ويو آهي، اڄ سسٽي ٽول پلازه جي سرويلينس جي شروعات ڪئي آهي ۽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين سمورن ٽول پلازا تي سسٽم لڳايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته 40 ٽول پلازائن تي نمبر پليٽن ۽ منهن جي سڃاڻپ لاءِ ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، جديد ڪيمرائن سان ايندڙ ويندڙ رستن جي نگراني ڪئي ويندي.

وڏي وزير چيو ته سسٽم ذريعي سڄي صوبي ۾ ايندڙ ويندڙ رستن جي اثرائتي نگراني ڪئي ويندي، سي پي او ڪراچي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان لاڳاپيل 40 ٽول پلازه کي ڳنڍيو ويندو.

هن چيو ته سرويلينس سسٽم پراجيڪٽ ذريعي حفاظتي قدمن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، سنڌ ڪابينا 27 اپريل جي اجلاس ۾ ٽول پلازه جي ايندڙ ويندڙ رستن تي اي اين پي آر ڪيمرائن جي خريداري لاءِ فنڊز رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ڪابينا هڪ ڏهائي 567 بلين رپين جي منظوري ڏني هئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
49 %
1.2kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون