سنڌ ھائيڪورٽ اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کان ڊپٽي ڊائريڪٽر طور پروموشن ملڻ بعد 10 مهينن کان مقرري ۽ گريڊ 18 جي پگهار جاري نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري سروسز، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 22 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو .
سنڌ ھائيڪورٽ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کان ڊپٽي ڊائريڪٽر طور پروموشن ملڻ بعد 10 مهينن کان مقرري ۽ گريڊ 18 جي پگهار جاري نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسد علي ميراڻي جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته اسد ميراڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کان ڊپٽي ڊائريڪٽر طور پروموشن جنوري ۾ ٿيو ھو جڏهن درخواست ڏيندڙ جي مقرري حيدر آباد ۾ هئي.
درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪندي چيو ته سندس اهڙي مقرري جي درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ چيو اوهان پنهنجي کاتي جي معرفت پروپوزل اماڻيو جنهن کانپوءِ هن چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي درخواست ڏني جنهن مقرري جو پروپوزل چيف سيڪريٽري ڏانهن حيدرآباد لاءِ اماڻيو پر اڃا تائين مقرري نه ٿي آهي.
درخواست ڏيندڙ چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدر آباد کي حيدر آباد ۽ ميرپور خاص جون ٻه ڌار ڌار چارجون ڏنيون ويون آھن پر کيس مقرر نه پيو ڪيو وڃي.
درخواست ڏيندڙ اسد علي ميراڻي موقف اختيار ڪندي چيو اڃا تائين سندس مقرري ٿي آهي ۽ نه ئي 17 کان 18 گريڊ ۾ پروموشن ملڻ کانپوءِ 18 گريڊ جي پگهار ڏني پئي وڃي.
هن عدالت کي اپيل ڪندي چيو ته گريڊ 18 ۾ مقرري ڪئي وڃي ۽ 18هين گريڊ جي پگهار به ڏني وڃي.
عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري سروسز، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 22 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو …….