تازه ترين

اينٽي ڪرپشن کي بهترين جاچ آفيسرن جي ضرورت  آهي: مقبول باقر

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کي بهترين جاچ آفيسرن جي ضرورت  آهي، ان لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن کي درخواست موڪلي وڃي.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سي ايم آءِ ايِ اينڊ آءِ ٽي جي چيئرمين رفيق ٻرڙي نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.

نگران وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته صوبي جي سمورن کاتن جي آفيسرن جي جاب ڊسڪريپشن ٺاهيو، جنهن آفيسر جو جيڪو ڪم هجي، اهو ئي ڪم ڪري ته کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر هدايت ڪئي ته پينشن اسڪينڊل ۾ ملوث ٽريزري آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن ڪم ڪندڙن جي گنجائش 14 سئو 16 آهي، پر هن وقت 679 ملازمن ڪم پيا ڪن، 742 پوسٽون خالي آهن.

نگران وڏي وزير اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته نان ٽيڪنيڪل پوسٽون ختم ڪري ٽيڪنيڪل پوسٽون داخل ڪري

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
50 %
2.2kmh
2 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
16 °

تازه ترين خبرون