تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اين ايف سي ايوارڊ، نون صوبن ۽ ٻين معاملن تي ڪٿي نه ڪٿي رٿابندي ڪئي پئي وڃي : غلام مرتضيٰ جتوئي

- Advertisement -
اين اين پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ، نون صوبن ۽ ٻين معاملن تي ڪٿي نه ڪٿي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 28 هين ترميم آڻي سڀ مسئلا حل ڪيا وڃن جيئن 29 ترميم جي ضرورت نه پوي، چيف آف ڊفينس اسٽاف جي عهدي تي غير يقيني جي صورتحال آهي، حسيب جمالي جي ڪاميابي مان ثابت ٿي ويو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن. نوشهري فيروز جي عدالت جتوئي ڀائرن خلاف اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي 17، 18 ۽ 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو ته گهڻا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا آھن جج پهريان به6 مهينا نه هو هاڻي به ناهي، راڻيپور ۽ سکر جا ڪيس ختم ٿي ويا، اهي به هلندا ته ختم ٿيندا. سندس چوڻ هو ته 26هين آئيني ترميم تي چيو هو ته ستاويهين ايندي جنهن ۾ گهڻا مسئلا اٿاريا ويندا، اين ايف سي ايوارڊ، نون صوبن ۽ ٻين معاملن تي ڪٿي نه ڪٿي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. اين اين پي سربراهه چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 28 هين ترميم آڻي سڀ مسئلا حل ڪيا وڃن جيئن 29 ترميم جي ضرورت نه پوي، چيف آف ڊفينس اسٽاف جي عهدي تي غير يقيني جي صورتحال آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته حسيب جمالي جي ڪاميابي مان ثابت ٿي ويو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، سندس مشن اقتدار ۾ اچڻ ناهي پر عوامي ڀلائي لاءِ ضرور اچڻ چاهي ٿو. هن چيو ته سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، پنهنجي ريتن رسمن تي هلڻ ۽ ثقافت کي ياد رکڻ زنده قومن جو ڪم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون