تازه ترين

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پاران ٿاڻن جو دورو

- Advertisement -
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو اولهه زون ۾ اڏاوت هيٺ ماڊل ٿاڻي اورنگي ٽائون ۽ نارٿ ناظم آباد جو دورو ڪيو آهي. ڪراچي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس چيف جي دوري جي موقعي تي ڊي آءِ جي اولهه، ايس ايس پي اولهه ۽ سينٽرل سميت ٻيا پوليس آفيسر موجود هئا. ڪراچي پوليس ترجمان موجب، ڊي آءِ جي اولهه زون جي ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ اڏاوت هيٺ ماڊل ٿاڻي اورنگي ٽائون ۽ ناظم آباد بابت جاويد عالم اوڍو کي آگاهي ڏني. ڪراچي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ماڊل ٿاڻن جي اڏاوتي ڪم ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ڪراچي پوليس ترجمان موجب، جاويد عالم اوڍو ٿاڻن جي ڊيوٽي آفيسر روم، لاڪ اپ ۽ ٻين ڪمرن جو دورو ڪري اڏاوتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي. ڪراچي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ماڊل ٿاڻن جو مقصد عوام لاءِ جديد سهولتن وارن ٿاڻا قائم ڪرڻ، پيشواراڻي پوليس آفيسرن جي مقرري، پوليس ۽ عوام ۾ دوستاڻي ماحول توڙي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون