ڪراچي ۾ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 4 ڪلو آئيس هٿ ڪري ورتي.
ڪورنگي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم لانڍي جي بابر مارڪيٽ ۾ امام بارگاهه ويجهو ڪارروائي ڪري ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن عبدالرحمان ۽ نصير گل کي گرفتار ڪري ورتو.
ايڪسائيز عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان چار ڪلو آئيس هٿ ڪئي وئي.
ايڪسائيز عملدارن موجب گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ٽيم هڪ ٻي ڪارروائي ڪئي.
ايڪسائيز عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ڪارروائي دوران ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
ايڪسائيز عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم اعليٰ معيار جي چرس جا ست پيڪٽ هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.
ايڪسائيز عملدارن موجب جوابدارن جو فرار ٿيل ساٿي عادي ڏوهاري آهي، جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي.
ايڪسائيز عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪري عدالت کان رمانڊ حاصل ڪرڻ بعد ڏوهارين خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.