تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪورنگي جي ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي ۾ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 4 ڪلو آئيس هٿ ڪري ورتي. ڪورنگي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول  ٽيم لانڍي جي بابر مارڪيٽ ۾ امام بارگاهه ويجهو ڪارروائي ڪري ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن عبدالرحمان ۽ نصير گل کي گرفتار ڪري ورتو. ايڪسائيز عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان چار ڪلو آئيس هٿ ڪئي وئي. ايڪسائيز عملدارن موجب گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ٽيم هڪ ٻي ڪارروائي ڪئي. ايڪسائيز عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ڪارروائي دوران  ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ايڪسائيز عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم اعليٰ معيار جي چرس جا ست پيڪٽ هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. ايڪسائيز عملدارن موجب جوابدارن جو فرار ٿيل ساٿي عادي ڏوهاري آهي، جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪري عدالت کان رمانڊ حاصل ڪرڻ بعد ڏوهارين خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون