تازه ترين

ايڪسپورٽ ڪنٽرول کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي: ممتاز زهرا بلوچ

پاڪستان ميزائل پروگرام ۾ مدد ڪندڙ ڪمپنين تي آمريڪي پابنديون رد ڪري ڇڏيون، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ايڪسپورٽ ڪنٽرول کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، هٿيار ڪنٽرول ڪرڻ جا دعويٰ ڪندڙ پاڻ ڪيترن ئي ملڪن کي فوجي ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ ۾ ڇوٽ ڏئي چڪا آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته ماضيءَ ۾ به ثبوت ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل بابت تعلق جي الزام ۾ ڪمپنين تي پابندي مڙهيون ويون.

هن چيو ته کين آمريڪا طرفان تازن قدمن بابت خبر ناي، ان وقت به اهي شيون ڪنهن ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل نه هيون، انهن کي حساس سمجهو ويندو هو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا نشاندهي ڪئي ته ان قسم جون شيون جائز واپار لاءِ استعمال ٿينديون آهن، ان ڪري پنهنجي پسند جي ايڪسپورٽ ڪنٽرول کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ايڪسپورٽ ڪنٽرول جي سياسي استعمال کي رد ڪري ٿو، هٿيارن جي ڪنٽرول جي دعويدار ڪيترن ئي ملڪن جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي لائسنس ۾ ڇوٽ ڏني، جنهن سان خطي ۽ عالمي امن توڙي سلامتي کي خطرا پيش آيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون