تازه ترين

اي اين ايف انٽيليجنس جي منشيات سمگلنگ خلاف مينگل آباد ڪوئٽا ۾ وڏي ڪارروائي

ڪوئيٽا ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف وڏي ڪارروائي ڪري چئن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سوا 2 ٽن کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪري ورتي.

ڪوئيٽا جي منگل آباد ويجهو اولهه باءِ پاس تي اي اين ايف ڪارروائي ڪئي.

اي اين ايف ڪارروائي دوران ٽرڪ مان سوا 2 ٽن کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪري چئن منشيات سمگلرن کي گرفتار ڪيو.

2 هزار 330 ڪلو گرام چرس ٽرڪ تي لڳل سيمينٽ مڪسچر مشين ۾ ٺاهيل ڳجهن خانن ۾ لڳايو ويو هو.

ڪارروائي دوران ٽرڪ سان گڏ هڪ ننڍي گاڏي به هٿ ڪئي وئي، گاڏي ۾ سوار 2 جوابدار مدد ڪري ٽرڪ جو روٽ ڪليئر ڪرائي رهيا هئا.

ڪارروائي دوران گاڏي ۽ ٽرڪ ۾ سوار چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

گرفتار جوابدارن جو تعلق قلعا عبدالله، ڪوئيٽا ۽ چمن سان آهي.

جوابدار منشيات چمن کان ڪوئيٽا رستي سنڌ ۾ سمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

گرفتار جوابدار خلاف اينٽي نارڪو ٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جوابدارن کان ٽولي جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي……

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
11 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون