تازه ترين
پاڪستان چين کي شڪست ڏئي ايشن هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڏهن ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس پهچايو ويو پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي: وزيراعظم شهبازشريف وزيراعظم شهبازشريف سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون بچاءَ واري وزير خواجه آصف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئ... سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار پارليامينٽ ميمبرن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل قومي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي: قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم

اي اين ايف پاران منشيات سمگلنگ خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري

اي اين ايف پاران منشيات سمگلنگ خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي، ڏهن ڪاررواين دوران 287 ڪلو کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪري 16 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اي اين ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته راولپنڊي جي ڪوريئر آفيس ۾ ڪارروائي دوران برطانيا لاءِ پارسل مان 8 هزار 400 نشي واريون گوريون هٿ ڪيون ويون، اسلام آباد ايڪسپريس وي ويجهو جوابدار وٽان 108 ڪلو چرس، 3 ڪلو 600 گرام آفيم ۽ 2 ڪلو آئس هٿ ڪئي وئي.

اي اين ايف ترجمان موجب، پشاور جي رنگ روڊ ڀرسان جوابدار وٽان 72 ڪلو چرس ۽ ايم ون اسلام آباد ويجهو 48 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو.

اي اين ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالا شاهه ڪاڪو ٽول پلازه شيخوپوره ويجهو ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 24 ڪلو آفيم هٿ ڪيو ويو.

اي اين ايف ترجمان موجب، ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 12 ڪلو چرس هٿ ۽ ٽنڊي ڄام ۾ ٻن جوابدارن وٽان 8 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو آهي.

اي اين ايف ترجمان  جو چوڻ آهي ته جي نائن اسلام آباد ۾ ڪارروائي دوران پنجن جوابدارن وٽان 5 ڪلو 800 گرام چرس هٿ ڪيو ويو جڏهن ته برهان انٽرچينج اٽڪ ويجهو ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار وٽان 2 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو.

اي اين ايف ترجمان موجب، اسلام آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار وٽان 105 گرام آئس هٿ ڪئي وئي.

اي اين ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف اينٽي نارڪو ٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
36 %
4.2kmh
0 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °
سُومر
28 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون