تازه ترين

اٽڪ جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملندڙ سهولتن جا تفصيل جاري

پنجاب جي جيلن واري وزارت اٽڪ جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملندڙ سهولتن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنجاب جي جيلن واري وزارت جي ترجمان موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين کي سڪيورٽي سببن جي ڪري ڌار رکيو ويو آهي، قانون موجب کيس ايئر ڪولر، کٽ ۽ ڇت وارو پکو ڏنو ويو آهي.

ترجمان موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين کي بيڊ ميٽرس، وهاڻو، ٽيبل ۽ ٻه ڪرسيون به ڏنيون ويون آهن.

جيل ۽ بيرڪ جي صفائي سرائي جو مڪمل انتظام ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي طبي سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃن.

جيل جي قائدن ۽ ضابطن موجب ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي کاڌو ڏنو پيو وڃي. ترجمان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ۽ سندس فيملي کي جيل جي قائدن موجب ملاقات جي به سهولت حاصل آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون