ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اڃا تائين آدمشماري جي سرڪاري نتيجا سندن وٽ ناهن آيا جنهن صوبي جي جيتري آبادي آهي اوتري ڏيکارڻ گهرجي، ٻڌو آهي ڪراچي جي آبادي 19 ملين جي ويجهو آهي، جيستائين آبادي جا صحيح انگ اکر نه هوندا هو رٿابندي نه ڪري سگهندا، ڌرڻا ڇڏي ڏيو ڪراچي وارن کي ڪم گهرجي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ کان 2، 3 مهينا اڳ آدمشماري جو مرحلو رڪجي ويو هو، فائنل نتيجا سندس تائين ناهن پهتا، سندن آدمشماري تائين ڪابه پهچ ناهي.
سندس چوڻ هو ته جنهن صوبي جي جيتري آبادي آهي اوتري ڏيکارڻ گهرجي، ٻڌو آهي ڪراچي جي آبادي 19 ملين جي ويجهو آهي، جيستائين آبادي جا صحيح انگ اکر نه هوندا هو رٿابندي نه ڪري سگهندا.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪ جي هر صوبي ۽ شهر جي حقيقي آبادي سامهون اچي سگهندي ته ترقي ممڪن آهي، پارٽي چيئرمين گهڻيون ڳالهيون ڪندا آهن ڇا هو سڀ مڃيندا آهن، هو سي پيڪ جو به خالق آهي بعد ۾ ٻيا به دعويدار نظر آيا.
هن چيو ته هن ته معيشيت کي به بهتر ڪيو، کين تنقيد کان نه گهٻرائڻ گهرجي، ڪراچيءَ شهر ۾ پاڻي چوري ٿيندو آهي اها به حقيقت آهي.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ پاڻي مافيا موجود آهي اها به حقيقت آهي، غيرقانوني ڪنيڪشن خلاف ڪم ڪيو آهي، مافيا پاڻ سامهون ناهي ايندي ٻين ماڻهن کي اڳيان ڪندي آهي، جڏهن هو ڪارروائي ڪندا آهن ته سندن ساٿ ڇو ناهي ڏنو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪي ٿري سان سئو ايم ڊي سپلائي ٿيندي هئي رڳو 10 ملين ڪراچي جي ماڻهن کي ملندو هو، ڌرڻا هڻڻ سان ڪو فرق نه پوندو، ڌرڻا ڇڏي ڏيو ڪراچي وارن کي ڪم گهرجي.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي وٽ 11 اسپتالون آهن ۽ سڀني ۾ مسئلا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ سان جلد صلاح مشورن جو سلسلو شروع ٿي ويندو..