تازه ترين

اڄوڪو حملو هڪ رياست طرفان ٻي رياست تي حملو آهي : مـَيٿوِ مـِلر

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مـَيٿوِ مـِلر چيو آهي ته ايران سڌو سنئون اسرائيل تي حملو ڪيو آهي، اڄوڪو حملو هڪ رياست طرفان ٻي رياست تي حملو آهي، اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميٿيو ملر چيو ته کين ايران جي اسرائيل تي ميزائل حملي بابت ڄاڻ آهي، ايران اسرائيل تي 200 ميزائل فائر ڪيا، حملن خلاف امريڪا اسرائيل سان گڏ بيٺل آهي.

هن چيو ته امريڪي تنصيبات محفوظ آهن، ميزائل حملن کي روڪڻ جي لاءِ اسرائيل جي مدد ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ايران اسرائيل تي حملي کان اڳ آمريڪا کي آگاهه نه ڪيو هو، حملن دوران ۽ بعد ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل رابطي ۾ هئا، هو صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن، اتحادين سان به ڳالهيون ڪن پيا.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران چيو ته آمريڪا ايران جي ميزائل حملن کي روڪڻ لاءِ اسرائيل جي مدد ڪئي، ايراني حملي ۾ آمريڪي تنصيبات محفوظ آهن.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران سالن کان دهشتگرد گروپن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، حماس ڳالهين جي ميز تي نه اچي رهي هئي، حماس ڳالهين لاءِ راضي نه ٿيڻ سبب جنگ بندي نه ٿي سگهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون