تازه ترين

اڄ رات 12 وڳي تائين نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ٿي ويندو : مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران وڏي وزير لاءِ سٺن نالن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، اڄ رات 12 وڳي تائين نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ٿي ويندو، الله پاڪستان کي ترقي يافته ۽ امن جو ڳڙ بڻائي، اڄوڪي ڏينهن اسان کي شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسلمانن کي به ياد رکڻ گهرجي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽسوري مزار قائد تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي.

مزار قائد تي گورنر سنڌ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ٻن ڏينهن دوران نگران وڏي وزير لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن، نگران وڏي وزير لاءِ ٻنهي پاسن کان 12 کان 13 سٺا نالا آهن، سٺن نالن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته الله پاڪستان کي ترقي يافته ۽ امن جو ڳڙ بڻائي، اڄوڪي ڏينهن شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسلمانن کي به ياد رکڻ گهرجي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سکر ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي جتي هڪ صحافي کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته هو سڀ ڪجهه بڻجي چڪا آهن پر سٺا پاڪستاني نه بڻجي سگهيا آهن، جنهن عظيم مقصد لاءِ آزادي ورتي وئي هئي ڇا هو ان تي هلي رهيا آهن؟.

ڪامران ٽسوري چيو ته هو قومن ۾ ورهائجي ويا آهن جنهن سبب مسئلن ۾ آهن، اميد آهي نگران وزيراعظم سڀني کي گڏ کڻي هلندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون