پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا يمنيٰ زيدي چيو آهي ته اڪيلائي ۾ زندگي گهارڻ تي کيس فخر آهي.
آمريڪي رياست ڊيلاس ۾ مداحن اداڪارا کان پڇيو ته توهان اڪيلا ڇو آهيو؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته شايد سندس مزاح ئي ڪجهه الڳ ۽ مشڪل آهي، جنهن جي ڪري هو اڃا تائين اڪيلي آهي.
هن چيو ته شادي نه ڪرڻ وارو سبب عجيب آهي پر هو اڪيلي رهڻ تي فخر محسوس ڪري رهي آهي.