پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اڳواڻي وزيراعظم نواز شريف جي آجيان جي بدلي جنت جي اعلان تي حيرت آهي، 20 هزار پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي سان نواز شريف جو جلسو ئي ٿي ويندو، رياستي سطح تي آجيان ذريعي چونڊون کٽي نه ٿيون سگهجن، اليڪشن ڪميشن کي فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته هڪ شخص جي سليڪشن لاءِ اليڪشن کي روڪيو وڃي.
جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڳواڻي وزيراعظم نواز شريف جي آجيان جي بدلي جنت جي اعلان تي حيرت آهي، 20 هزار پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي سان نواز شريف جو جلسو ئي ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته رياستي سطح تي آجيان ذريعي چونڊون کٽي نه ٿيون سگهجن، اليڪشن ڪميشن کي فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گهڻي سليڪشن ٿي چڪي هاڻي اليڪشن ٿيڻ گهرجي، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته هڪ شخص جي سليڪشن لاءِ اليڪشن کي روڪيو وڃي.