اڳوڻو صوبائي صلاحڪار پونجو ڀيل نوجوان رجنيش مالھي جي قتل ڪيس مان بري ٿي ويو .
ڪجهه عرصو اڳ عمرڪوٽ جي تين تلوار چوڪ ويجھو سندس گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان رجنيش مالھي فوت ٿي ويو ھو .
رجنيش مالھي جي ڀاءُ مھيش مالھي جي فرياد تي پونجو ڀيل خلاف عمرڪوٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو ھو .
عمرڪوٽ جي عدالت پونجو ڀيل کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته نوجوان رجنيش مالھي جي واقعي خلاف عمرڪوٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا شٽربند ھڙتال ۽ مظاھرا ڪيا ويا هئا.