اڳوڻي ايم اين اي ۽ مشهور سماجي اڳواڻ روبينا شاهين وٽو پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي.
روبينا شاهين وٽو بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي..
ملاقات دوران روبينا شاهين وٽو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
ملاقات دوران اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به موجود هو.
روبينا شاهين وٽو پاڪستان بچايو پارٽي جي ٽڪيٽ تان ايم اين اي چونڊجي هئي.. روبينا شاهيدن وٽو اڳوڻي وڏي وزير ميان منظور وٽو جي نياڻي آهي..