مسلم ليگ نون جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي هلندڙ هفتي لنڊن روانگي جو امڪان آهي.
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف جو حڪومت کان ڌار ٿيڻ بعد اهو پهريون پرڏيهي دورو هوندو.
لنڊن ويندڙن ۾ اڳوڻو وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، پرويز رشيد ۽ ٻيا اڳواڻ به شامل آهن.
مسلم ليگ نون جو صدر شهباز شريف، لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪندو.
ملاقات دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي تاريخ ۽ ٻين معاملن بابت غور ڪيو ويندو.