- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ذوالفقار ڀٽو ڪيس ۾ ٽرائل ۽ اپيليٽ ڪورٽن طرفان شفاف ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ رڳو ايڊوائيزري جو اختيار رکي ٿي، جنهن تحت عدالت ڪنهن اڳوڻي فيصلي کي ختم نٿي ڪري سگهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پيپلز پارٽي جي باني اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس تي پنجن صفحن تي ٻڌل اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت ٻين ججن جي نوٽ پڙهڻ جو اتفاق ٿيو ۽ جسٽس منصور جي نوٽ سان ڪنهن حد تائين متفق آهي، ريفرنس ۾ ڏنل راءِ ۾ ڪيس جي ميرٽ تي ڪنهن حد تائين ڳالهه ڪئي وئي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ رڳو ايڊوائزري دائره اختيار رکي ٿي، جڏهن ته فيئر ٽرائل جي سوال تي فيصلي جي پيراگراف سان متفق آهي ۽ هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته ذوالفقار ڀٽو ڪيس ۾ ٽرائل ۽ اپيليٽ ڪورٽن طرفان فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ريفرنس شايد سندن سامهون نه اچي ها پر ڪجهه واقعا هن جو سبب بڻيا، جسٽس نسيم حسن شاهه جي انٽرويو جا ڪجهه نقطا ٻڌائڻ ضروري آهي، ان وقت جي غير معمولي سياسي ماحول ۾ دٻاءُ انصاف جي عمل کي متاثر ڪيو.
جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اهو سڀ ڪجهه عدالتي آزاديءَ جي نظريات جي ابتڙ هو، آئيني حڪمراني جي ابتڙ سياسي ڪيسن ۾ عدالتي ڪاررواين تي غير ضروري اثر وجهڻ آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس محمد حليم ۽ جسٽس صفدر شاهه جرئتمنداڻو اختلاف ڪيو، هنن ججن جو اختلاف ڀلي نتيجن کي تبديل ۾ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پر غير جانبداري جي جٽادار اصولن جو ثبوت آهي……….- Advertisement -
