تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ذوالفقار ڀٽو ڪيس ۾ ٽرائل ۽ اپيليٽ ڪورٽن طرفان شفاف ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ رڳو ايڊوائيزري جو اختيار رکي ٿي، جنهن تحت عدالت ڪنهن اڳوڻي فيصلي کي ختم نٿي ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پيپلز پارٽي جي باني اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس تي پنجن صفحن تي ٻڌل اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت ٻين ججن جي نوٽ پڙهڻ جو اتفاق ٿيو ۽ جسٽس منصور جي نوٽ سان ڪنهن حد تائين متفق آهي، ريفرنس ۾ ڏنل راءِ ۾ ڪيس جي ميرٽ تي ڪنهن حد تائين ڳالهه ڪئي وئي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ رڳو ايڊوائزري دائره اختيار رکي ٿي، جڏهن ته فيئر ٽرائل جي سوال تي فيصلي جي پيراگراف سان متفق آهي ۽ هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته ذوالفقار ڀٽو ڪيس ۾ ٽرائل ۽ اپيليٽ ڪورٽن طرفان فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ريفرنس شايد سندن سامهون نه اچي ها پر ڪجهه واقعا هن جو سبب بڻيا، جسٽس نسيم حسن شاهه جي انٽرويو جا ڪجهه نقطا ٻڌائڻ ضروري آهي، ان وقت جي غير معمولي سياسي ماحول ۾ دٻاءُ انصاف جي عمل کي متاثر ڪيو. جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اهو سڀ ڪجهه عدالتي آزاديءَ جي نظريات جي ابتڙ هو، آئيني حڪمراني جي ابتڙ سياسي ڪيسن ۾ عدالتي ڪاررواين تي غير ضروري اثر وجهڻ آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس محمد حليم ۽ جسٽس صفدر شاهه جرئتمنداڻو اختلاف ڪيو، هنن ججن جو اختلاف ڀلي نتيجن کي تبديل ۾ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پر غير جانبداري جي جٽادار اصولن جو ثبوت آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
25 %
4.7kmh
1 %
اڱارو
25 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون