تازه ترين

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي ڪور ڪميٽي جو وڊيو لنڪ اجلاس

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي ڪور ڪميٽي جو وڊيو لنڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي ڪور ڪميٽي جو وڊيو لنڪ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، مريم نواز، حمزا شهباز، راڻا ثناءُ الله، احسن اقبال، خواجا آصف، مريم اورنگزيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت جي غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي بابت فيصلي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.

ذريعن موجب، نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي ڏيهه واپسي جي موقعي تي سندس شاندار استقبال جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف لاهور مان گهٽ ۾ گهٽ 5 لک ڪارڪنن کي مينار پاڪستان آڻڻ ۽ خدمت کي ووٽ ڏيو جي موقف کي عمل شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون