- Advertisement -
پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ پي ٽي آءِ باني تي سنگين الزام آهن، فوج پنهنجي ٿري اسٽار جنرل کي نه ٿي ڇڏي ته پي ٽي آءِ باني جو بچڻ مشڪل ٿي ويندو، پيپلزپارٽي نه وزارتون وٺي رهي آهي ۽ نه وري بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو، پ پ کي خيرات ۾ اقتدار نه گهرجي، هو عوامي ووٽ سان حڪومت ٺاهيندا.
هڪ انٽرويو ۾ خورشيد شاهه چيو ته مسلم ليگ تي افسوس ٿيندو آهي، جيڪا پيپلزپارٽي جي ننڍي ننڍي شين کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اها کين وزارتن تي ڪيئين بردشت ڪندي، اهو وڏو مشڪل آهي.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي نظام، جمهوريت ۽ سياسي استحڪام لاءِ ن ليگ جي حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي، مسلم ليگ نون هڪ سئو ويهه سيٽن سان نظام نٿي هلائي سگهي ته پ پ ستر سيٽن سان ڪيئن هلائي سگهندي؟.
پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو ته خوشي سان چاهيندا ته مولانا اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني وٽ وڃي ملي، تحريڪ انصاف باني چار سال پارليامينٽ ۾ فضل الرحمان جو ڪلاس ورتو آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني ڪهڙي ڪهڙي اسٽائل ۾ مولانا جو ڪلاس نه ورتو، ڪهڙو ڪهڙو الزام نه لڳايو؟، هاڻي پي ٽي آءِ باني چئي ٿو اهو سڀ ڪوڙ هو، معافي گهري ٿو.
پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو ته اهڙي طرح مولانا چئي ڏئي، هو سندس خلاف عالم دين ٿي ڪري ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، مولانا وڏو سمجهدار آهي، سياست کي چڱي ريت سمجهي ٿو، هو ائين نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته مدرسن جو مسئلو پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿي وڃي، تحريڪ انصاف پهريان ڳالهين لاءِ تيار نه هئي هاڻي ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڪهڙي حالتن ۾ به ڳالهيون ٿين ته ٿيڻ گهرجن.
پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي هميشه ڳالهين تي يقين رکي ٿي، پي ٽي آءِ باني ڳالهين لاءِ اچي ٿو ته دير آيو درست آيو پر هو ڳالهيون ڪري ته صحيح، ڳالهين جو دٻاءُ فيس سيونگ لاءِ آهي، ڳالهين ۾ حڪومت جا پنهنجا ماڻهو به رنڊڪ آهن، اهي سمجهن ٿا ته معاملا ائين ئي هلندا رهن ۽ سندن دڪان هلندو رهي.- Advertisement -
