حڪومتي ڳالهين جي ٽيم جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي آرمي چيف سان ملاقات تي بئريسٽر گوهر کي پيغام ڏنو آهي ته ٻن ٻن ٽن ٽن دروازن ذريعي ڳالهيون هڪ ئي وقت نه هلنديون آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته کيس بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات جا تفصيل ۽ ڳالهين بابت مڪمل ڄاڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته بئريسٽر گوهر چيو ته سڌي ريت اعليٰ ترين فوجي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن جيڪي اطمينان جوڳيون آهن.
حڪومتي ڳالهين جي ٽيم جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو ته بئريسٽر گوهر چيو ته بيڪ ڊور پراسيس به هلندو ۽ فرنٽ ڊور پراسيس به هلندو، ٻن ٻن ٽن ٽن دروازن ذريعي ڳالهيون هڪ ئي وقت نه هلنديون آهن.
هن چيو ته هاڻي ننڍن ننڍن دروازن، درين ۽ روشندانن مان ليئا پائڻ جو ڪو فائدو ناهي، جيڪڏهن اهو دروازو کلي ويو آهي جنهن لاءِ سال کان ڪوششون ڪري رهيا هئا ته هي ڪوشش ڇڏي ڏين.
حڪومتي ڳالهين جي ٽيم جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ عليما خان به آرمي چيف سان بئريسٽر گوهر جي ملاقات کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي رهيا آهن