تازه ترين

بائيڊن جي گڏيل قومن ۾ تقرير اميد جوڳي نه هئي، ان سان انهيءَ مسئلي جو حل نه نڪرندو : لبناني پرڏيهي وزير

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لبنان جي پرڏيهي وزير عبدالله بو حبيب اسرائيل لبنان جنگ بابت امريڪي صدر جي بيان تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.

نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لبناني پرڏيهي وزير چيو ته بائيڊن جي گڏيل قومن ۾ تقرير اميد جوڳي نه هئي، ان سان انهيءَ مسئلي جو حل نه نڪرندو.

هن چيو ته کيس وري به اميد آهي ته امريڪا واحد ملڪ آهي جيڪو وچ اوڀر جي صورتحال تبديل ڪري سگھي ٿو.

لبنان جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سندن بچاءَ لاءِ امريڪا جو ڪردار اهم آهي، لبنان پاڻ ويڙهه ختم نٿو ڪري سگھي.

عبدالله بو حبيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته لبنان ۾ جنگ سان اسرائيلن جي گهرن کي واپسي ۾ مدد نه ملندي، اسرائيلي جي واپسي جو حل صرف ڳالهين ۾ ئي آهي.

ٻئي پاسي لبنان اسرائيل جنگ تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس پاڪستاني وقت موجب سڀاڻي رات ٽيئن وڳي ٿيندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون