پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته باشعور عوام مضبوط پاڪستان جي خواب جي ساڀيان لاءِ جيالن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو.
جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته رياست تي حملو ۽ ادارن ۾ بغاوت ۽ ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪندڙن کي قوم رد ڪري ڇڏيندي.
هن چيو ته عوام جمهوري راڄ ذريعي برابري آئيني معاشي انساني حقن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، پ پ عوامي حڪومت بڻائڻ واري پارٽي آهي.
نيئر بخاري چيو ته پ پ سياسي مخالفت کي دشمنيءَ ۾ تبديل ڪرڻ تي يقين نه ٿي رکي، بلاول ڀٽو زرداري اڃا عوامي رابطا مهم تي نڪتو ئي ناهي پر مخالف پريشان ٿي ويا آهن.
پ پ اڳواڻ چيو ته ڪا هڪ پارٽي اڪيلي سر پ پ جو مقابلو ڪرڻ جي همٿ نه ٿي رکي، آئين، جمهوريت ۽ پارلياماني جمهوري نظام جي تسلسل جي خاطر پ پ جون قربانيون تاريخي آهن……….