بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن هڪ نئين ۽ دلچسپ فلم ۾ ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جيڪا انڊيانا جونز جي طرز تي هڪ ايڊونچر تي مشتمل هوندي.
ڀارتي ميڊيا موجب فلم جي پروڊڪشن لوورنجن ۽ جگان شڪتي هدايتڪاري ڪندو.
ڀارتي ميڊيا موجب فلم جو اسڪرپٽ اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي، مهانگي بجيٽ ۾ ٺهندڙ فلم ۾ اجي ديوگن مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو، فلم ڀارت جي سرسبز ٻيلن جي پس منظر ۾ آهي.
واضح رهي ته اجي ديوگن هن فلم جي شوٽنگ سن آف سردار ٽو ۽ دي، دي پيار دي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شروع ڪندو.