بالي ووڊ جي اداڪار دليپ ڪمار جو ممبئي وارو عاليشان بنگلو هڪ سئو 72 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ وڪرو ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب دليپ ڪمار 1953ع ۾ عبداللطيف جي نالي سان اهو بنگلو خريد ڪيو هو، 1966ع ۾ سائرا بانو سان شادي کانپوءِ هو پالي هل واري بنگلي کي خالي ڪري سائره بانو جي گهر شفٽ ٿي ويو هو.
عشر گروپ 2023ع ۾ دي ليجنڊ جي نالي سان بنگلي جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو، بنگلي کي بهترين اپارٽمينٽ ۾ تبديل ڪرڻ کان ان کي سڀ کان مهانگي اگهه ۾ 172 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي.