تازه ترين

بانيءَ جي هدايت تي جيئن جو تيئن عمل ٿيندو، علي امين گنڊاپور سڀاڻي استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪليندو: بئريسٽر گوهر

- Advertisement -
تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته بانيءَ جي هدايت تي جيئن جو تيئن عمل ٿيندو، علي امين گنڊاپور سڀاڻي استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪليندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جون هدايتون ملي چڪيون آهن، بانيءَ جي خواهش موجب علي امين گنڊاپور کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو. هن چيو ته علي امين گنڊاپور سان هڪ ڪلاڪ ملاقات ٿي، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪي پي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت برقرار رهندي، وڏي وزير طرفان استعيفيٰ ڏيڻ آئيني معاملو آهي، علي امين جي خدمتن کي هو ڀيٽا پيش ڪري ٿو، بانيءَ جي هدايتن موجب خيبرپختونخوا اڳتي وڌندو. بئريسٽر گوهر چيو ته ڪهڙي رانديگر کي ڪٿي کيڏائڻو آهي اهو فيصلو ڪپتان ڪندو آهي، پي ٽي آءِ بانيءَ وڏ وزارت لاءِ سهيل آفريديءَ کي نامزد ڪيو آهي،  پي ٽي  آءِ بانيءَ عليمه خان ۽ علي امين گنڊاپور جي بيانن جو ڪو به ذڪر نه ڪيو، سندس ڀينرن جو سياست ۾ ڪو به عمل ناهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون