تازه ترين

بجلي پيداوار، پهچائڻ ۽ ورهاست ڪندڙ ڪمپنين بابت رپورٽ اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي: شازيه مري

پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته بجلي پيداوار، پهچائڻ ۽ ورهاست ڪندڙ ڪمپنين بابت رپورٽ اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، نااهلي ادارن جي ۽ ٻوجهه ڀوڳي عوام رهيو آهي، اهڙي ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا هن معاملي جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن جي نشاندهي ۽ اڳتي اهڙا معاملن نه ٿيڻ ان جو پتو لڳائي.

پاور سيڪٽر بابت بيان ۾ شازيه مري چيو ته پاور پروڊيوسرن جي حد کان وڌيڪ منافعي سان قومي ۽ عوامي ناڻي کي نقصان پهتو، مهانگي بجلي پيدوار ۽ اضافي ٻوجهه واهپيدارن ۽ قومي ناڻي کي برداشت ڪرڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته بجلي جي وڌيڪ گهرج دوران سستي پاور پلانٽن کي استعمال ڇو نه ڪيو ويو؟، سنڌ ۾ ٿرڪول ۽ هوا مان بجلي پيدوار جا سستا پلانٽ فعال آهن.

پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين مالي سال 24-2023ع ۾ سئو سيڪڙو اوڳاڙي ۾ ناڪام رهي، رپورٽ موجب هڪ سال ۾ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين خلاف 34 لک شڪايتون آيون.

شازيه مري چيو ته عوام جي وڌندڙ شڪايتن مان ظاهر آهي ته بجلي ڪمپنين جي ڪارڪردگي خراب آهي، حڪومت هن رپورٽ جو نوٽيس وٺي ۽ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون