تازه ترين

بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ شٽربند هڙتال

بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي،واپارين ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين  جي سڏ تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا پيا وڃن.

 ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، نوابشاهه، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ مڪمل طور ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ۽ واپاري اتحاد جي سڏ تي بجلي جي ڳرن بلن ۽ پيٽرليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.

واپارين پاران صدر، ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، موبائل مارڪيٽ، اليڪٽرانڪ، مارڪيٽ، بولٽن، اليڪٽرانڪ، موتن داس مارڪيٽ سميت شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن.

گلشن حديد، پٽيل پاڙا، قائد آباد ۽  شير شاهه چوڪ تي شهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ  بلاڪ ڪري ڇڏيا.

حيدرآباد ۾ به واپارين ۽ جماعت اسلامي جي سڏ تي شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن.

نوابشاهه ۾ جماعت اسلام جي سڏ تي بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.

لاڙڪاڻي ۾ به واپارين، ٽرانسپورٽرن، سياسي  ۽ سماجي تنظيمن جي سڏ تي بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.

خيرپور ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسو سيئيشن جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

  ٽنڊو الهيار ۾ واپارين جي سڏ تي بجلي جي ڳرن بلن ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي خلاف شهر جي چوڙي بازار، اسٽيشن روڊ، نصرپور روڊ سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن.

شهدادڪوٽ ۾ بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي سبزي منڊي، شاهي بازار، اناج منڊي، اسٽيشن روڊ، ڪوٽو موٽو چوڪ سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪري شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي آهي.

قمبر ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي بجلي جي ڳرن بلن ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي خلاف ڪارڪنن طرفان مولانا امتياز احمد ڀٽو، محمد ٻرڙو مقبول احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٽنڊو محمد خان ۾ جماعت اسلام جي سڏ تي بجلي جي ڳرن بلن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪري شٽربند هڙتا ڪئي وئي آهي.

مٺي ۾ به تيل اگهن ۾ واڌ ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف جماعت اسلامي ۽ واپاري برادري جي سڏ تي شٽربندن هڙتا ڪئي وئي آهي.

عمر ڪوٽ ۾ به مهانگائي خلاف جماعت اسلامي پاران ڏنل شٽربند هڙتال جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رکيا ويا آهن.

اوٻاڙي ۾ پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ڪارڪنن پاران مولانا ۾محمد يوسف مزاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

جماعت اسلامي ۽ واپاري اتحاد جي سڏ تي بجلي جي ڳرن بلن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف ٽنڊو جان محمد، سڪرنڊ، ٽنڊو باگو، ڪلوئي، ڪيٽي بندر، ڪنري، نئون ڪوٽ، تلهار، ٻنڌي، گولاڙچي، کوسڪي، جهڏي ، گهاري، ڪرمپور ۽ محرابپور ۾  شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي.

بجلي جي ڳرن بلن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي رتيديري، شهدادپور، نبي سر ٿر، ننگرپارڪر، جاتي، چمبڙ ۽ ٻين شهرن ۾به ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند ڪيا ويا آهن.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل واڌ جو فيصلو واپس ورتو وڃي، مهانگائي تي ضابطو نه آيو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون